سونم ڪپور ڪينسر جي باري ۾ شعور اڀارڻ لاءِ ميدان ۾  اچي وئي

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جي چلولي ۽ خوبصورت اداڪارا “سونم ڪپور” ڇاتيءَ جي ڪينسر جهڙي موضي مرض بابت عورتن ۾ شعور  ڏيڻ واري مهم جو حصو بڻجي وئي. ڀارتي ميڊيا مطابق ڀارت ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسربابت  ڄاڻ ڏيڻ ۽ عورتن کي ان موضي مرض کان بچائڻ لاءِ چندو گڏ ڪرڻ واري تنظيم “ايلي بريسٽ ڪينسر ڪئمپين جي برانڊ” جي ايمبيسٽر آهي. اها فلاحي تنظيم  انهيءَ مقصد جي لاءِ ڪم ڪرڻ واري ٻي تنظيم اوگان ڪينسر فائونڊيشن سان گڏ ان حوالي سان ڪم ڪندي. ٻنهي تنظيمن جي گڏيل ڪم جي حوالي سان سونم ڪپور جو چوڻ هو ته هن مشن جو حصو ٿيڻ تي هو پاڻ کي  تمام گهڻي خوشنصيب سمجهي ٿي.  اسان مان هر ڪو ڪنهن نه ڪنهن ڇاتيءَ جي ڪينسر ۾ ورتل عورت کي ضرور سڃاڻيندو هوندو،  اسان کي ان ڳالهه جي تمام ضرورت آهي ته هن مرض بابت عورتن ۾ ڄاڻ ۽ شعور ڏيون ڇو ته هن مرض جي جلد سڃاڻپ سان ئي علاج ممڪن آهي. هوءَ ان مهم ۾ ڀرپور سهڪار ڪري عورتن ۾ “ ڇاتيءَ جي ڪينسر” جي حوالي سان وڌ کان وڌ حصو وٺندي جنهن لاءِ هو تمام گهڻي پُر اميد نظر اچي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *