سونم ڪپور کي ڪپور خاندان پاران سالگره جون واڌايون ڏنيون ويون

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪپور خاندان جي لاڏُلي سونم ڪپور 30 ورهين جي ٿي وئي، ان موقعي تي اداڪارا جي سئوٽ ارجن ڪپور کيس جنم ڏينهن جون واڌايون ڏنيون، ارجن ڪپور انسٽاگرام تي جاري ڪيل تصوير ۾ چيو ته سونم کي جنم ڏينهن جو واڌايون ڏيان ٿو ۽ کيس ياد ڏيارڻ ٿو چاهيان ته هاڻي هو هڪ ٻئي کان ڪيترو پري ٿي ويا آهن. ان موقعي تي ڪپور خاندان جي هڪ ٻي نينگري ڪرشما ڪپور به سونم ۽ ارجن سان گڏ جاري ڪيل ڦوٽو ۾ سونم ڪپور کي جنم ڏينهن جون واڌايون ڏنيون. ساڳي ريت اداڪارا ۽ آئٽم گرل ملائڪا اروڙا خان به مڙس ارباز خان ۽ سونم جي تصوير جاري ڪندي سونم کي جنم ڏينهن جون واڌايون ڏنيون. شاهد ڪپور، شرڌا ڪپور، رتيش ديشمڪ، منيش پائول ۽ ٻين پاران به سونم کي جنم ڏينهن جو واڌايون ڏنيون ويون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *