سنڌ يونيورسٽي ۾ فوڪ گيت ۽ غزل جا مقابلا 15 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندا

ڄامشورو (شوبز نيوز) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بيوروآف اسٽئگس جي ايڊوائيزر پروفيسر محمد يوسف پرديسي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اسٽوڊنٽس شيڊيول تحت انٽر ڊپارٽمينٽل سنڌي، اردو ۽ سرائيڪي زبانن ۾ فوڪ گيت ۽ غزل جا مقابلا -2014 اربع 15 آڪٽوبر تي شيخ اياز آڊيٽوريم آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ ۾ منعقد ٿيندا. سمورن ڊپارٽمينٽن ۽ ڪئمپسز جي سربراهن کي صلاح ڏني ويئي آهي ته اُهي فوڪ گيت ۽ غزل مقابلن ۾ شرڪت لاءِ پنهنجي شعبي جي ٻن شاگردن (ميل/فيميل) جا نالا 13 آڪٽوبر تائين بيورو آف اسٽئگس جي آفيس ۾ ڏياري موڪلين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *