سنجي ليلا بنسالي فلمساز سڀاش گئي سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ عدم دلچسپي ڏيکاري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ هدايتڪار سنجي ليلا بنسالي فلمساز سڀاش گئي سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ عدم دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. ميڊيا موجب بنسالي جي باري ۾ خبرون سرگرمهيون ته هو فلم کلنائڪ جو ريميڪ سڀاش گئي سان گڏ ٺاهي رهيو آهي، هن سڀاش گئي سان سندس گهر ملاقات ڪئي آهي ۽ انهي ملاقات ۾ هن ساڻس گڏ فلم جو ريميڪ ٺاهڻ ۾ عدم دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. فلم کلنائڪ 26 مئي 1993ع ۾ رليز ٿي هئي جنهن ۾ سنجي دت اهم ڪردار ادا ڪيو هو ۽ اها فلم سپر هٽ رهي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *