سنجي دت لاءِ پي ڪي جي خصوصي اسڪريننگ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان: عامر خان

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار عامر خان چيو آهي ته سنجي دت منهنجي وڏي ڀاءُ وانگر آهي. فلم پي ڪي ۾ سنجي دت منهنجي دوست بيرو سنگهه جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. عامر خان فلم ”پي ڪي“ جي هڪ گانو کي لانچ ڪرڻ واري تقريب دوران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته فلم جي شوٽنگ دوران سنجي دت سان هڪ دلچسپ ۽ زبردست وقت گذريو ۽ مون سندس موجودگي ۾ پان کي محفوظ ۽ پرسڪون محسوس ڪيو. 49 سالن جي عامر خان چيو ته هو منهنجي وڏي ڀاءُ وانگر آهي. پنهنجي ڪيريئر دوران هن سان گڏ جيڪو وقت گذريو ان ۾ خوشي محسوس ٿي. عامر خان چيو ته هو ۽ پي ڪي جي سموري ٽيم سنجي دت لاءِ خصوصي اسڪريننگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *