سلمان خان به هاڻي شاهه رخ خان جي نقش قدم تي هلندو

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪار  سلمان خان به هاڻي ڪنگ خان شاهه رخ خان جي نقش قدم تي هلندي پنهنجي ايندڙ فلم پريم رتن ڌان پايو  جي مشهوري مهم دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اداڪار سلمان خان ۽ سندس هيروئن سونم ڪپور پنهنجي ايندڙ فلم پريم رتن ڌان پايو  جي مشهوري مهم دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو جڏهن ته اداڪار سلمان خان جو چوڻ آهي ته سندس هي فلم ٻين فلمن کان تمام گهڻي مختلف آهي جنهن ۾ هن مختلف ڪردار ادا ڪيو آهي واضع رهي ته هن کان پهرين اداڪار شاهه رخ خان پنهنجي نئين فلم هيپي نيو ايئر جي مشهوري مهم دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪئي هئي هاڻي ڏسو ته سلمان خان جي هي ڪوشش ڪيترو ٿي رنگ لاهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *