سلمان خان بالي ووڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪار بڻجي ويو، هڪ فلم جا 60 ڪروڙ رپيا وٺي ٿو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان فلم نگري ۾ سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪار بڻجي ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب سلمان خان پنهنجي بلاڪ بسٽر ڪامياب فلمن جي ڪري مداحن ۾ تمام گهڻو مشهور آهي ۽ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو سندس معاوضو 60 ڪروڙ رپيا آهي جڏهن ته ٻئي نمبر تي عامر خان 45 ڪروڙن جي لڳ ڀڳ معاوضو وٺي ٿو. اڪشي ڪمار 40 کان 45 ڪروڙ رپيا ۽ شاهه رخ خان 35 ڪروڙ رپيا جڏهن ته رتڪ روشن 25 ڪروڙ رپيا معاوضو وٺندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *