سائنس فڪشن اينيميٽيڊ فلم ”پڪسلز“ جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو

نيويارڪ(شوبز نيوز)هالي ووڊ جي ڪاميڊي سان ڀرپور نئين سانس فڪشن اينيميٽيڊ فلم پڪسلز جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي هدايتڪ ار ڪرس ڪولمبس جي ان فلم جي ڪهاڻي 1980ع جي ڪلاسڪ آڪيڊ ويڊيو گيمز جي اهڙي خطرناڪ ڪردارن جي چوڌاري گهمي ٿي جيڪي آ۾ريڪي شهر نيويارڪ تي حملو ڪن ٿا ۽ پوري شهر کي يرغمال بڻائي تباهي ڦهلائن ٿا ايلن ڪنورٽ، ايڊم سينڊلر ۽ ڪرس ڪولمبس جي گڏيل طور تي پروڊيوس ٿيل فلم جا ڊائيلاگ مشهور هالي ووڊ اداڪار ايڊم سينڊلر، ڪيون جيمز، مشيل موناگهن، جوش گيڊ، ايشلي بينسن ۽ جين ڪروڪسن جي آوازن ۾ رڪارڊ ڪيا ويا آهن ڪاميڊي ۽ ايڪشن سان ڀرپور فلم ڪولمبيا پڪچرز تحت ايندڙ سال 24 جولاءِ تي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *