ريڊيو پاڪستان لاهور 19 آڪٽوبر تي مهدي حسن جي ياد ۾ خاص پروگرام نشر ڪندو

لاهور (شوبز نيوز)ريڊيو پاڪستان لاهور 19 آڪٽوبر تي شهنشاهه غزل مهدي حسن جي ياد ۾ خاص پروگرام نورجهان هال ۾ پيش ڪندو. پروگرام جي خاص مهمان ڊائريڪٽر جنرل پاڪستانبراڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن هوندي. ان پروگرام ۾ مهدي حسن مرحوم جي ياد ۾ مختلف فنڪار پرفارم ڪندا. اسٽيشن ڊائريڪٽر ريڊيو لاهور سيد رضا ڪاظمي هڪ ملاقات ۾ چيو ته ان پروگرام جو پروڊيوسر زبير بشير ۽ ڪريم احمد آهي. جڏهن ته ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر ۽ ڪمپيئر هو پاڻ هوندو. پروگرام ۾ غلام عباس، آصف جاويد، آصف مهدي، صائمه ممتاز، ۽ ٻيا فنڪار پرفارم ڪندا. سيد رضا ڪاظمي ٻڌايو ته مهدي حسن مرحوم بنيادي طور تي ريڊيو جو ڳائڻو هو ۽ پنهنجي انٽرويو ۾ ريڊيو جو فنڪار ٿيڻ تي فخر سان ذڪر ڪندو هو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *