ممبئي(شوبز نيوز)رنبير ڪپور ايوارڊ ۾ شرڪت کانپوءِ گهر وڃڻ لڳو ته ان جي گاڏي ڪيمرا مين جي پيرن مٿان گذري وئي رنبير ان ايڪسيڊنٽ کان اڻڄاتل بڻجي گهر روانو ٿي ويو، ڪيمرا مين پيرن تي ڌڪ لڳڻ سبب مڪمل بيڊ ريسٽ تي آهي رنبير کان جڏهن ان ايڪسيڊنٽ جي باري ۾ پڇيو ويو ته ان پريشاني جو اظهار ڪندي فوري ڪيمرا مين جي خيريت دريافت ڪئي.