رضا مراد 19 زبانن ۾ فلمن ۾ اداڪاري ڪري رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

لاهور(شوبز نيوز)پنهنجي ڊگهي فني سفر جي دوران رضا مراد  هندي، پنجابي، ڀهوجپوري، تامل، گجراتي، بنگالي، راجستاني، مراٺي، هريانوي، ناگپوري، آسامي، اوريا، تيلگو، ڪناڊا، ملايلم، ڇتيس گڙهي، رشيئن ۽ انگريزي زبانن ۾ ٺهڻ وارين فلمن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اهڙو منفرد رڪارڊ پنهنجي نالي ڪرڻ وارورضا  مراد ممبئي مان فون تي ڳالهائيندي ميڊيا کي ٻڌايو ته پنهنجي فني سفر جي دوران جڏهن ڪم شروع ڪيو ته اهو معلوم نه هو ته هڪ اهڙو منفرد رڪارڊ منهنجي ڪريڊٽ ۾ اچي ويندو. مون هميشه تجرباتي انداز  اختيار ڪيو ۽ ڪيريئر ۾ اهو تجربو تمام سٺو ثابت ٿيو،مختلف زبانن ۾ ٺهڻ وارين فلمن ۾ ڪم ڪرڻ سان جتي مون کي مختلف زبانون سکڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو مليو، قومن جي مختلف رسمن ۽ رواجن مان  تمام گهڻو ڪجهه سکيو، هن چيو ته هاڻي  چاهيان ٿو ته مون کي پاڪستان مان به ڪا سٺي فلم جي آفر ٿئي، جنهن ۾ ڪم ڪري ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻي سگهان، سٺو پروجيٽ مليو ته پاڪستان ضرور ايندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *