راولپنڊي ڪسٽم عدالت ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

راولپنڊي(شوبز نيوز)راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت ۾ ٻڌڻي جي موقعي تي ماڊل ايان علي طرفان وڪيلن جو پينل ۽ والد محمد حفيظ پيش ٿيا، ٻڌڻي جي موقعي تي ايان ملڪ جي وڪيلن چيو ته اهو اسمگلنگ جو ڪيس ناهي رقم خالد ملڪ ڏني جيڪا زمين وڪرو ڪري حاصل ڪئي وئي هئي پراسيڪيوٽر دليلن جي مخالفت ڪندي چيو ته اهو اسمگلنگ جو ڪيس آهي ايان علي کي اسمگلنگ ڪندي پڪڙيو ويو آهي پراسيڪيوٽو چيو ته رقم جي منتقلي جو طريقيڪار آهي ان جي مطابق ئي رقم منتقل ٿي سگهي ٿي رقم جي اسمگلنگ سبب ملڪ معاشي بدحالي جو شڪار آهي ٻڌڻي جي موقعي تي ايان علي جي والد عدالت کان ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جي استدعا ڪئي جنهن کي عدالت منظور ڪندي سمن جاري ڪري ڇڏيو ايان علي جي والد چيو ته منهنجي ڌيءَ خلاف سازش ڪئي وئي آهي منهنجي ڌيءَ جي حياتي خطري ۾ آهي، ٻئي طرف ڪسٽم اختيارين موقف اختيار ڪيو ته ايان علي کان پڇا ڳاڇا ۾ اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي ماڊل ايان علي بيماري جو بهانو ڪيو آهي عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ضمانت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي جج ممتاز قادري ريمارڪس ڏنا ته مني لانڊرنگ جو ڪيس ڪو عام ڪيس ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *