راني مکرجي پنهنجي نئين فلم حسينه ۾ دائود ابراهيم جي ڀيڻ جي شڪل ۾ نظر ايندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره راني مکرجي جلد پنهنجي نئين فلم ۾ دائود ابراهيم جي ڀيڻ جي شڪل ۾ نظر ايندي حسينه نالي هن فلم جي شوٽنگ نومبر ۾ شروع ٿيندي جيڪا دائود ابراهيم جي ڀيڻ حسينه جي زندگي تي ٻڌل آهي حسينه پارڪر هلندڙ سال 6 جولاءِ تي روزي جي حالت ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويئي هئي لاڏاڻي کان اڳ فلمساز حسينه پارڪر جي زندگي جي لاحن چاڙهن متعلق معلوم ڪرڻ لءِ ان سان ڪافي وقت گذاريو هدايتڪار اپورا واهه چيو آهي ته راني مکرجي ئي ان ڪردار سان انصاف ڪري سگهي ٿي ان سلسلي ۾ جڏهن اپورا واهه راني سان رابطو ڪيو ته هن فورن فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويئي جنهن جي عڪسبندي ايندڙ مهيني کان شروع ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *