راحت جي آواز سان فلم کي چار چنڊ لڳي ٿا وڃن: سونم ڪپور

ڪراچي(شوبز نيوز)ڀارتي اداڪاره سونم ڪپور چيو آهي ته بالي ووڊ جي 100 سالن ۾ 10 سال راحت فتح علي خان جا به آهن، گذريل 10 سالن ۾ راحت ڀارتي فلمن کي ڪيترن ئي يادگار گيتن سان غير معمولي ڪاميابي ڏياري آهي، ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ان جي آواز سان فلم کي چار چنڊ لڳي وڃن انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن دبئي ۾ راحت فتح علي خان سان هڪ ملاقات جي موقعي تي ڪيو ان موقعي تي ان سان گڏ ڀارتي اداڪار ۽ ڊائريڪٽر ارباز خان به موجود هو هن چيو ته منهنجي نئين فلم ڊولي ڪي ڊولي ۾ راحت نينا ڪافر هوگئي ڳائي فلم کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *