دپيڪا ڪيتري ئي وقت کان ڊپريشن ۽ پريشانيءَ جو شڪار رهي

ممبئي (شوبز نيوز) اهو ڪنهن به نه سوچيو هو ته ملڪ جي سڀ کان وڏي اداڪارا خاموشيءَ سان پريشاني ۽ دٻاءَ واري صورتحال مان گذري رهي آهي، پر دپيڪا پڊوڪون بهادريءَ سان اهو ٻڌائڻ ۾ بلڪل به نه ڪيٻايو ته مٿس گذريل سال ڇا گذريو، جنهن تي مڙني حلقن جي همدردي ۽ ڀيٽا پڻ ماڻي ورتائين. اها هڪ ڪوڙي حقيقت آهي ۽ سندس ڪهاڻيءَ ڪيترن ئي ماڻهن کي ڇهي وئي. ان دوران ماڻهو هڪ انڪشاف تي دنگ رهجي ويا ته دپيڪا جھڙي اداڪارا ڪيتري وقت کان ڊپريشن ۽ پريشانيءَ سان منهن ڏئي رهي آهي، ان پريشاني ۽ ڊپريشن دوران دپيڪا کي محسوس ٿيندو هو ته سندس فون لاڳيتو وڃي رهي آهي، جنهن ڪري هوءَ ڪافي پريشان ۽ ڊنل رهڻ لڳي هئي، جنهن کان دپيڪا جا گھرڀاتي، سندس دوست ۽ دوستن جا دوست به وٽس ايندا رهيا، ان ئي دوران ڪيترائي ڊاڪٽر، حڪيم، فقير، بابا ۽ ٻيا ماڻهو پنهنجي سروس ۽ مدد لاءِ دپيڪا ۽ ان جي ٽيم تائين پهچڻ جون ڪوششن ۾ جُنبي ويا. دپيڪا پڊوڪون اهڙي ماحول مان نڪرڻ کان پوءِ فيصلو ڪيو ته ان بابت جاگرتا مهم هلائي وڃي، جنهن تي کيس ڪيترن ئي ماڻهن کان سپورٽ ۽ سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي آهي. ان سلسلي ۾ دپيڪا ڊاڪٽرن جي هڪ پينل سان ملاقات پڻ ڪئي، جيڪي ان ڪم لاءِ اڳرائي ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *