دبنگ گرل سوناڪشي سنها هاڻي گلوڪاري جا سر سکڻ ۾ مصروف

ممبئي(شوبز نيوز): هاڻي دبنگ گرل کي چڙهي ويو بخار گلوڪاري جو، هاڻي بيهندي مائيڪ سامهون ۽ ڳائيندي مڌر آواز ۾ گانا، لڳي ٿو ته شرڌا ڪپور ۽ عاليه بٽ جي نقش قدم تي هلي رهي آهي. مست مست نينن واري سوناڪشي سنها هاڻي سوچيو گلوڪاري جو. انهي لاءِ هو هاڻي سرُ ملائڻ جي تيارين جي ڀرپور ڪوششن ۾ رڌل آهي. سوناڪشي سنها اها پنهنجي گلوڪاري 5 جون تي ٿيندڙ ايوارڊ شو ۾ هلائيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *