حساس شاعره پروين شاڪر جي 20 هين ورسي(اڄ) ملهائي ويندي

اسلام آباد(شوبز نيوز) حساس جذبن کي لفظن جو روپ ڏيندڙ عظيم شاعره پروين شاڪر جي 20 هين ورسي(اڄ) 26 ڊسمبر تي نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي. پروين شاڪر ننڍي ڄمار ۾ ئي لکڻ جي ابتدا ڪئي ۽ سندس پهريون شعري مجموعو ”خوشبو” 1976ع ۾ چپجي پڌرو ٿيو جنهن وڏي شهرت ماڻي جڏهن ته سندس ٻين شعري مجموعن ۾ صد برگ،خود ڪلامي، انڪار ۽ ڪف آئينه ۽ اخباري ڪالمن تي ٻڌل هڪ مجموعو گوشه چشم شامل آهي. پرويز شاڪر کي غير معمولي ڪارڪردگي سبب پاڪستان جي سڀ کان وڏي اعزاز ”پرائيڊ آف پرفارمنس” سان پڻ نوازيو ويو. پروين شاڪر 42 سالن جي ڄمار ۾ 26 ڊسمبر 1994ع تي هڪ روڊ حادثي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *