جيڪي شروف پٽ ٽائيگر سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ بي چين

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارتي ميڊيا جي رپوٽ مطابق جيڪي شروف جو چوڻ آهي ته هو سٺي اسڪرپٽ جو انتظار ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي پٽ سان گڏ ڪم ڪري سگهي، جنهن جي لاءِ هو تمام گهڻو بي چين آهي، جيڪي شروف فلم نگري ۾ تيزي سان قدم ڄمائڻ واري پنهنجي پٽ جي صلاحيتن تي فخر ڪندي چيو ته ٽائيگر شروف جلد فلم انڊسٽري ۾ وڏو نالو ڪمائيندو ۽ ان جي اداڪاري تعريف جي قابل آهي، واضع رهي ته جيڪي شروف آخري فلم“هيپي نيو ائير”  ۾ نظر آيوهو، جڏهن ته هو نئي فلم “ڊرٽي پاليٽڪس” ۾ به پنهنجن مداحن کي خوش ڪندي نظر ايندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *