جيڪو نصيب ۾ هوندو آهي اهو سامهون اچي ويندو آهي، وقت ايندو ته شادي ٿي ويندي: بپاشا باسو ۽هرمن باويجا

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره بپاشا باسو ۽ اداڪاره هرمن باويجا چيو آهي ته هو صحيح وقت اچڻ تي شادي ڪري وٺندي. اداڪار هرمن باويجا جنهن کي اداڪاره بپاشا باسو سان تعلق رکڻ جي بنياد تي شهرت ملي آهي پنهنجي تازين ڳالهين ۾ چيو ته سندس بپاشا سان گڏ شادي ٿيڻ تقدير ۾ لکيل هي ته وقت اچڻ تي ايئن ئي ٿي ويندو. ۽ جيڪڏهن ائين ناهي ته اسان لاءِ ٻيو بهتر رستو نڪري ايندو. هن چيو ته شادي هڪ قدرتي عمل آهي کيس پلاننگ ذريعي سرانجام نٿو ڏئي سگهجي. ان لاءِ چوندا آهن ته جوڙيون آسمان تي ٺهنديون آهن ۽ زمين تي ملنديون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *