جيا بچن ”هيپي نيو ايئر“ کي واهيات فلم قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جي مشهور اداڪار جيا بچن فلم ”هيپي نيو ايئر“ کي واهات فلم قرار ڏنو آهي. ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق اداڪار اڀيشڪ بچن کي ان وقت شديد جهٽڪو لڳو جڏهن سندس ماءُ جيا بچن ممبئي ادبي ميلي ۾ درجن ماڻهن جي سامهون فلم ”هيپي نيو ايئر“ کي بڪواس ۽ واهيات قرا رڏنو. جيا چيو ته مان فلم صرف ان ڪري ڏٺي ته ان فلم ۾ سندس پٽ ڪم ڪيو آهي. جيا چيو ته اڀيشڪ هڪ عظيم اداڪار ٺهي سگهي ٿو، جيڪڏهن هو ڪئميرا جي سامهون خراب حرڪت نه ڪري، ان فلم ۾ اڀيشڪ پنهنجي ڪيريئر جو ڊبل رول ڪيو آهي ۽ فلم ۾ نانگ جي ڊانس جو به مظاهرو ڪيو آهي. جيا وڌيڪ چيو ته جيڪو ڪجهه فلمن ۾ ٿي رهيو آهي ان جي ڪري فلم ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *