جان ابراهم پريانڪا کي ڪرينا کان وڌيڪ خوبصورت ۽ پرڪشش قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز)جان ابراهم پريانڪا چوپڙا کي ڪرينا کان وڌيڪ خوبصورت ۽ پرڪشش قرار ڏئي ڪرينا سان پنهنجو حساب برابر ڪري ورتو، ڀارتي ٽي وي جي هڪ مشهور پروگرام ۾ ڳالهائيندي جان ابراهم جو چوڻ هو ته هو سمجهي ٿو ته ڪرينا جي مقابلي ۾ پريانڪا وڌيڪ خوبصورت ۽ پرڪشش آهي ۽ جان ابراهم ان ڳالهه جو اظهار ڪري شايد ڪرينا کان اهو حساب برابر ڪري ڇڏيو جنهن ۾ ننڍي نواب جي گهرواري هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ئي ڳلاهه ڪندي جان ابراهم جي اداڪاري کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو هو، ٻئي طرف بالي ووڊ ۾ ڪرينا ڪپور کي گليمرس سان ڀرپور خوبصورت اداڪاره قرار ڏنو ويندو آهي ۽ ڪيتريون ئي فلمن ان جي گليمر سان ڀرپور ڪردار سبب ئي باڪس آفيس تي ڪامياب قرار ڏنيون ويون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *