جارج ڪلوني جي بنگلي ويجهو اچڻ واري تي ڇهه سو ڊالر جرماڻو

اٽلي(شوبز نيوز)هالي ووڊ جي ناليواري اداڪار جارج ڪلوني پنهنجي گهرواريءَ سان اٽليءَ ۾ موڪلون ملهائڻ لاءِ آيل آهي مئير رهاڪن کي خبردار ڪيو آهي ته ڪير  به اداڪار جي بنگلي جي ويجهو آيو ته ان تي ڇهه سو ڊالر جرماڻو ڀرڻو پوندو. اٽلي جي علائقي لاگيلو ۾ نديءَ ڪناري ٺهيل بنگلي۾جارج ڪلوني پنهنجي گهر واريءَ سان موڪلون ملهائڻ لاءِ آيل آهي. اختيارين رهاڪن کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي ته ڪنهن جي به گاڏي يا ٻيڙي بنگلي جي ويجهو 100 ميٽرن جي علائقي ۾ نظر آئي ته ان کي ڇهه سو ڊالر جرماڻو ڀرڻو پوندو. اختيارين مطابق اهو سڀ ڪرڻ جو مقصد اداڪار جي فيملي جي پرائيويسي جو خيال رکڻ آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *