بالي ووڊ فلم ۾ راهول ڀٽ بلاول ڀٽو جو ڪردار ادا ڪندو

ممبئي(شوبز نيوز)پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ نئين ايندڙ ڀارتي فلم ۾ نظر ايندو، حيران ٿي ويو نه پر وڌيڪ حيران نه ٿيو ڇو ته هو اصل بلاول ناهي ڀارتي اداڪار راهول ڀٽ هوندو جيڪو فلم ۾ بلڪل بلاول جي روپ ۾ نظر ايندو، فلم ۾ هيروئن جو هيروئن جو ڪردار ڪترينا ڪيف ادا ڪندي، يقينن اوهان سوچي رهيا هوندو ته ڳالهه ڪهڙي فلم جي ٿي رهي آهي ته توهان کي ٻڌائيندا هلون ته ان فلم جو نالو فتور آهي جيڪا هلندڙ سال جي آخري مهيني ۾ رليز ٿيندي، ڀارتي ميڊيا رپورٽرن مطابق هدايتڪار اڀيشيڪ ڪپور جي فلم فتور جي ڪهاڻي هڪ اهڙي نوجوان پاڪستاني سياستدان جي چوڌاري گهمي ٿي جيڪو طاقتور سياسي خاندان سان تعلق رکي ٿو ذريعن مطابق فلم ۾ اداڪار راهول ڀٽ جو نالو بلاول بجاءِ بلال هوندو جڏهن ته ان جي ڊريسنگ ۽ لڪ بلڪل بلاول ڀٽو وانگر هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *