بالي ووڊ فلم ڊولي ڪي ڊولي اڄ ريليز ڪئي وئي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ڊولي ڪي ڊولي اڄ ريليز ڪئي وئي آهي . اداڪار ارباز خان جي پروڊڪشن ۾ ٺهندڙ هن فلم جي ڪهاڻي ڊولي نالي هڪ اهڙي چور جي چوڌاري گهمي ٿي جيڪا شادين جا چڪر ڏئي گهوٽيتن کي لٽي ٿي ۽ روپوش ٿي وڃي ٿي هن فلم ۾ ڊولي جو ڪردار انيل ڪپور جي ڌيءِ  سونم ڪپور  ادا ڪري رهي آهي جيڪا ئي اصل چور آهي هن فلم ۾ ملائيڪا اروڙا خان جو آئٽم سونگ پڻ شامل ڪيو ويو آهي ڏسو ته ڊولي صاحبه ڪيئن ٿي ماڻهن کي لٽي چٽ ڪري ۽ ڇا پوليس کيس پڪڙي سگهندي يا نه اهو ته فلم ڏسي خبر پوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *