ممبئي (شوبز نيوز) فلم جي پهرين پوسٽر کان هي مختلف تڪرارن جي ور چڙهيل فلم پي ڪي جو پهريون گانو جاري ڪيو ويو آهي گاني جو نالو آهي ٺرڪي ڇوڪرو جنهن ۾ عامر خان پنهنجو پاڻ ۾ ئي گم نظر اچي رهيو آهي هن گاني جي خاص ڳالهه هي آهي ته ان ۾ اداڪاره عامر خان ۽ سنجي دت جي پهرين ڊائيلاگ سان ئي عامر خان جي ڪردار جي عڪاسي ٿي وڃي ٿي جنهن ۾ خبر پوي ٿي ته عامر پنهنجي يادداشت وڃائي ويٺو آهي فلم جي مرڪزي ڪردارن ۾ عامر خان سنجي دت ۽ انوشڪا شرما شامل آهن هي فلم 19 ڊسمبر تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.