بالي ووڊ فلم ”پيڪو“ انڊين فلم فيسٽيول آف ميلبورن ۾ بهترين فلم جو ايوارڊ کٽي ورتو

ميلبورن(شوبز نيوز) انڊين فلم فيسٽيول آف ميلبورن ۾ فلم ”پيڪو“ بهترين فلم جو ايوارڊ حاصل ڪري ورتو. سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق ايوارڊن جي اها تقريب نيشنل گيلري آف وڪٽوريا ۾ ٿ جنهن ۾ 2015ع جي بهترين فلم جو ايوارڊ فلم ”پيڪو“ کي ڏنو ويو آهي. بهترين هدايتڪار جو ايوارڊ شوجيت سرڪار، بهترين اداڪاره جو ايوارڊ ڀومي پيڊنيڪر، بهترين اداڪار جو ايوارَڊ عرفان خان، بهترين پيپلز چوائس ايوارڊ راجڪمار هيراني ۽ انيل ڪپور کي دنيا جي سينيما ۾ سرسي جو خاص ايوارڊ ڏنو ويو. ايوارڊن جي ان تقريب م ڀارت لاءِ آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر، ڀارتي هاءِ ڪمشنر ۽ هدايتڪارن ۽ فنڪارن سميت شوبز جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *