بالي ووڊ فلم ”رانجهنا“ ٽي وي شو جي طور تي پيش ڪئي ويندي: آنند لال رائي

ممبئي(شوبز نيوز) اولهه ۾ ڪامياب فلمن کي ٽي وي شوز ۾ بدلائڻ هڪ عام ڳالهه آهي. فلم ”رانجهنا“ جي هدايتڪار آنند لال رائي اعلان ڪيو آهي ته 2013ع جي هٽ فلم ”رانجهنا“ کي ٽي وي شو طور پيش ڪيو ويندو.ان فلم ۾ مرڪزي ڪردار سونم ڪپور ۽ ڌنوش ادا ڪيو هو. آنند مطابق رانجها جي ٽائيٽل بابت بيشمار ڪهاڻيون جڙيل آهن، جن کي 3 ڪلاڪن جي هڪ فلم ۾ ڏيکارڻ ممڪن ناهي، هو هاڻي ٽي وي سيريل جي ذريعي رانجهنا کي پيس ڪري پنهنجو شوق پورو ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *