بالي ووڊ فلم ”خاموشيان“ جو ميوزڪ لانچ ڪيو ويو آهي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”خاموشيان“ جو ميوزڪ لانچ ڪيو ويو آهي. ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق بالي ووڊ فلم خاموشيان جو ميوزڪ ممبئي ۾ خصوصي تقريب دوران لانچ ڪيو ويو. جنهن ۾ فلم جي پوري ٽيم شرڪت ڪئي. اها وشيش فلمز جي بينر هيٺ ٺهندڙ فلم آهي جنهن جي هدايت مهيش ڀٽ ڏني آهي. هن چيو ته هيءَ فلم اڄ جي دؤر جي عورت تي ٺاهي وئي آهي جيڪا خودمختيار ۽ بهادر به آهي. فلم جي ڪاسٽ ۾ گورمين چوڌري ۽ سپنا پي شامل آهن، جڏهن ته اها فلم 30 جنوريءَ تي سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ لڳائي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *