بالي ووڊ سپر هٽ اداڪارائون تعليمي ميدان ۾ ناڪام

ممبئي(شوبز نيوز): بالي ووڊ اداڪارئون تمام گهڻيون خوبصورت لڳندوين آهن وري جڏهن انگريزي ڳالهائينديون آهن ته ڪو شڪ به ناهي ڪري سگهندو آهي ته هي پڙهيل لکيل ناهن، ٻڌايو ويو آهي ته ڪرينا ڪپور ڪپور خاندان سان تعلق رکندڙ اداڪاره کي ننڍپڻ کان ئي ايڪٽنگ جو شوق هو ڪرينا مٺي بائي ڪاليج ۾ ٻن سالن تائين ڪامرس جي تعليم حاصل ڪئي، ان کانپوءِ هن گورنمينٽ لا ڪاليج ۾ داخلا ورتي پر فلم ملڻ سبب وڌيڪ تعليم جاري نه رکي سگهي ۽ اڄ تائين گريجوئيشن کان به محروم آهي، ايشوريا راءِ بچن جنهن يونيورسٽي جو منهن به ناهي ڏٺو تعليمي ميدان ۾ هوءَ عام شاگردياڻين کان به گهٽ سطح جي شاگردياڻي هئي هٽ فلم يه جواني هي ديوانني ۾ ڪاليج شاگردياڻي جو ڪردار ادا ڪرڻ واري دپيڪا اڄ تائين پنهنجي گريجوئيشن مڪمل ناهي ڪئي، هن بينگلور جي مائونٽ ڪارميل ۾ داخل ته ضرور ورتي پر پنهنجي تعليم مڪمل نه ڪري سگهي پريانڪا چوپڙا بالي ووڊ جي پرڪشش فنڪارن مان هڪ آهي جنهن آمريڪا ۽ ڀارت ۾ ڪافي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪئي هوءَ جي هند ڪاليج ممبئي به تعليم پرائي چڪي آهي پر ڪڏهن به گريجوئيشن نه ڪري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *