بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان خلاف ”هٽ اينڊ رن“ ڪيس ۾ اهم موڙ اچي ويو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان خلاف ”هٽ اينڊ رن“ ڪيس ۾ اهم موڙ اچي ويو آهي، امڪان آهي ته اڄ ڪيس جي آخري ٻڌڻي هجي. بالي ووڊ جي دبنگ خان خلاف حادثي ڪيس جي ٻڌڻي اڄ عدالت ۾ ٿي رهي آهي. اڄ سلمان خان جو وڪيل دليل جاري رکندو. گذريل ٻڌڻيءَ ۾ صفائي وڪيل جو چوڻ هو ته 28 سيپٽمبر 2002ع تي ٿيل حادثي وقت گاڏيءَ ۾ ڊرائيور سميت 4 ماڻهو موجود هئا. پر صفائي وڪيل جو چوڻ هو ته گاڏيءَ ۾ سلمان خان، ان جو باڊي گارڊ ۽ ڳائڻو ڪمال خان سميت 3 ڄڻا سوار هئا. حادثي ۾ سلمان خان جي گاڏي فٽ پاٿ تي ستل ماڻهن کي لتاڙيو، جنهن جي ڪري هڪ ڄڻو موقعي تي مارجي ويو ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *