بالي ووڊ خانز مان سلمان کي بيحد پسند ڪندي آهيان، سني ليون

ممبئي(شوبز نيوز) سلمان خان جي پرستارن جي فهرست ۾ هڪ ٻيو نالو شامل ٿي ويو آهي ۽ اهو نالو سني ليون جو آهي، سني ليون پنهنجي پسنديدگي جو اظهار نئين فلم “ايڪ پهيلي ليلا ” ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، صحافين ان کان سوال ڪيو ته بالي ووڊ جي خانز مان ان جو پسنديده خان ڪهڙو آهي، ته هن بغير سوچي سمجهي سلمان خان جو نالو ورتو ۽ چيو ته هو سلمان خان کي بيحد پسند ڪري ٿي، هو عظيم انسان آهي ۽ ان جي خواهش آهي ته هو سلمان خان سان گڏ ڪنهن به فلم ۾ هيروئن جي طور نظر اچڻ چاهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *