بالي ووڊ جي هارر فلم ”اَلون“ سڄي دنيا ۾ رليز ٿي وئي

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جي هارر فلم ”اَلون“ سڄي دنيا ۾ رليز ٿي وئي آهي. فلم جي مک ڪاسٽ ۾ بپاشا باسو ۽ نئون اداڪار ڪرن سنگهه گروور شامل آهن. نائينٽين ٽوئنٽي اِيول ريٽرنس ۽ راگني ايم ايم ايس جهڙيون فلمون ڏيندڙ فلمساز ڀوشن پاٽيل” فلم اَلون“ جي ڊائريڪشن ڏني آهي. فلم ”اَلون“ 2007ع ۾ ساڳي ئي نالي سان آيل ٿائي فلم جي ڪاپي آهي. فلم جي موسيقي ناليواري موسيقار ۽ گلوڪار اَنڪت تِواري ۽ مِٿون ڏني آهي. فلم جي ڪهاڻي جاڙين ڀينرن تي ٻــَڌل آهي، جيڪي سڄي عمر گڏ رهڻ جو وچن ڪن ٿيون پر هڪ ڀيڻ مرڻ کانپوءِ پنهنجي ٻي ڀيڻ کي آتما بڻجي ڊيڄاريندي رهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *