بالي ووڊ جي سپر هٽ والدين جو فلاپ ٿيندڙ اولاد

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ پير ڃمائڻ لاءِ ڪنهن ”گاڊ فادر“ جو هجڻ لازمي آهي ۽ جن جا والدين فلم انڊسٽريءَ مان هجن ته سندن ڪيريئر جي راهه سڌي ٿي ويندي آهي.پر بالي ووڊ ۾ ڪيترائي اهڙا والدين به آهن جيڪي فلم انڊسٽريءَ جي مشهور شخصيتن ۾ ڳڻيا ويندا آهن پر سندن ٻارن کي اها ڪاميابي نصيب نه ٿي سگھي آهي جيڪا کين ملي هئي. اڀيشيڪ بچن: اميتاڀ بچن جو پٽ اڀيشيڪ بچن سنه 2000 ۾ جي پي دته جي فلم ”رفيوجي“ سان ڪيريئر جي شروعات ڪئي، فلم جو باڪس آفيس تي حال خراب ٿي ويو. هڪ هِٽ فلم جي لاءِ اڀيشيڪ بچن کي لڳ ڀڳ چار سال انتظار ڪرڻو پيو. ان دوران سندس 14 فلمون فلاپ رهيون. سنه 2004ع ۾ ايندر مني رتنم جي فلم ”يوا“ اڀيشيڪ بچن جي پهرين هِٽ فلم هئي. ان کان پوءِ اڀيشيڪ جي ”بنٽي ۽ ببلي، گُرو، ڌوم ۽ سرڪار“ جھڙيون چند فلمن کي ئي ڪاميابي ملي، پر اڀيشيڪ پنهنجي والد جھڙي مشهوريءَ جي ويجھو به پهچي نه سگھيو. بوبي ديول: پنهنجي زماني جي ايڪشن اسٽار ڌرمينڌر جي وڏي پٽ سني ديول فلم انڊسٽريءَ ۾ جيئن تيئن پنهنجي جڳهه ٺاهي، پر ننڍي پٽ بوبي ديول اميدن موجب هلي نه سگھيو. سنه 1995ع ۾ ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ بوبي ديول لڳ ڀڳ 41 فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي. انهن مان ”گپت، سولجر، بادل، همزاد ۽ دوستانا“ جھڙيو فلمن کي ئي ڪاميابي ملي سگھي، باقي سڀ ناڪام ويون. تشار ڪپور: بالي ووڊ جي مشهور اداڪار جتيندر جي ڌيءُ ايڪتا ڪپور پروڊيوسر طور ٽي وي ۽ فلمن ۾ پنهنجو سِڪو ڃمايو پر ان جو پٽ تُشار ڪپرو کي اداڪار طور ڪو سٺو هنڌ نه مليو، تشار فلم ”مجھي ڪچهه ڪهنا هي“ کان سنه 2001ع ۾ ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي. سندس فلم ”غائب، خاڪي، گول مال سيريز، دي ڊرٽي پڪچرز ۽ ڪيا سپر ڪول هين هم“ ڪامياب سمجھيو وينديون. لو سنها: پنهنجي ڳري ۽ وزندار آواز سان ماڻهن کي ”خاموش“ ڪرائيندڙ اداڪار شتروگھن سنها جو پٽ لو سنها سنه 2010ع ۾ فلم ”صديان“ ۾ ڪم ڪيو، پر ان کي ڪو ڌيان نه ملي سگھيو، پر سندس ڌيءُ سوناڪشي سنها فلم ”دبنگ“ کان پوءِ پوئتي مُڙي ناهي ڏٺو. لو سنها جي فلم نه مبصرن کي پسند آئي ۽ نه ئي ڏسندڙن کي. سُنيل آنند: بالي ووڊ جي سدا بهار اداڪار ديو آنند جو پٽ سُنيل آنند 80 جي ڏهاڪي ۾ ”آنند هي آنند، ڪار ٿيف ۽ ميري تيري ليي“ جھڙين فلمن ذريعي بالي ووڊ ۾ پنهنجا پير ڃمائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هر ڀيري کيس ناڪامي ئي نصيب ٿي. هن سنه 2001ع ۾ فلم ”ماسٽر“ سان بالي ووڊ ۾ ڊائريڪٽر طور ٻي اننگ جي شروعات ڪرڻ چاهي پر کيس ان ۾ به ناڪامي ملي. مهاڪشيه چڪر ورتي: ”ڊسڪو ڊانسر“ مٿن چڪر ورتي جو پٽ مهاڪشيه چڪر ورتيءَ سنه 2008ع جي فلم ”جِمي“ سان بالي ووڊ ۾ قدم رکيو. فلم نه ته تجزيه نگارن کي راس آئي نه ئي ڏسندڙن کي وڻين، مهاڪشيه اڄ به پنهنجي والد کان الڳ سڃاڻپ ٺاهڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي. فردين خان: ”قرباني، ڌرماتما، جانباز“ جھڙيون زبردست فلمون ٺاهيندڙ ادڪار ۽ پروڊيوسر ڊائريڪٽر فيروز خان جي سڪيلڌي پٽ فردين خان کي ”پريم اگن“ فلم سان لانچ ڪيو. فردين رام گوپال ورلا جي ڪجھه فملمن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ کيس ڪاميابي ملي پر والد جي موت کان پوءِ هِن فلمي سفر تي هِڪ قسم جي بريڪ لڳائي ڇڏي آهي. ايشا ديول: ”ڊريم گرل“ هيما مالني ۽ ڌرمينڌر جي ڌيءُ ايشا ديول ماءُ جي قدم تي هلندي فلمن ۾ اداڪاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ايشا فلم انڊسٽريءَ ۾ پنهنجي ماءُ جيان ”ڊريم گرل“ ته نه بڻجي سگھي. سندس ڪيريئر سنوارڻ لاءِ هيما مالنيءَ ”ٽيل مي او گاڊ“ فلم جي هدايتڪاري به ڪئي، پر ان ڪوشش سان به ايشا جو ڪيريئر نه سنڀالجي سگھيو. ڪمار گورو: پنهنجي زماني جي ”جبلي ڪمار“ چورائيندڙ اداڪار راجندر ڪمار جو پٽ ڪمار گورو پنهنجي پهرين فلم ”لو اسٽوري“ سان راتو واهه سپر اسٽار بڻجي ويو هو. پر ان کان پوءِ ان جي ڪا به فلم باڪس آفيس تي هلي نه سگھي. فلم ”نام“ هلي به ته سنيل دت جي پٽ سنجي دت ڪمار کان بازي کڻي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *