بالي ووڊ جي سُندري 34 سالن جي سميرا ريڊيءَ کي پٽ جو اولاد

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سُندري 34 سالن جي سميرا ريڊيءَ کي پٽ جو اولاد ٿيو آهي، پر بالي ووڊ جي ذريعن موجب سميرا ريڊي کي پُٽ 25 مئي تي ڄائو هو ۽ هوءَ ان بهترين خوشخبري کي الائي ڇو لڪائي رهي آهي، گذريل سال جنوريءَ ۾ سادگيءَ سان اڪشي وردي سان پرڻو رچائيندڙ سميرا ريڊيءَ پنهنجي اولاد جي ڳالهه ٽوئيٽر تي شيئر نه ڪرڻ تي بالي ووڊ ۾ سندس مداح حيرت ۾ ورتل آهن. سميرا جي ڀيڻ اداڪارا سُشما ريڊيءَ ميڊيا سان ڳالهائيندي فقط ايترو چيو ته هو ان بابت ڪجهه به نه ٿي ٻڌائي سگهي، جنهن وقت سميرا ان پوزييشن ۾ ايندي ته پاڻ ئي ڳالهه ڪندي. ياد رهي ته گذريل سال جنوريءَ ۾ شادي ڪرڻ کان اڳ سميرا ۽ سندس وَر اڪشي وردي پاڻ ۾ ملندا رهندا هئا. اڪشي وردي پنهنجي پروفيشنل زندگيءَ ۾ هڪ ايونٽ آرگنائيزر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *