بالي ووڊ اسٽار اڪشي ڪمار ۽ سڌارٿ ملهوترا فلم جي شوٽنگ مڪمل ڪرائي ڇڏي

نئين دهلي (شوبز نيو) ڌرما پروڊڪشن هيٺ ٺهندڙ فلم ”برادرز“  بابت ڪافي ڳالهيون ڪيون ۽ لکيو به ويون، جڏهن ته بالي ووڊ اسٽار اڪشي ڪمار ۽ سڌارٿ ملهوترا فلم جي شوٽنگ مڪمل ڪرائي ڇڏي آهي، ان بابت اڪشي  ڪمار هڪ تصوير به پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي شيئر ڪئي آهي. اڪشي ڪمار پاران هڪ تصوير جاري ڪئي وئي جنهن ۾ فلم ۾ اداڪارا جيڪولين فرنينڊس سندس پيار ڪندڙ جو رول نڀائي رهي آهي، به موجود آهي، تصوير ۾ جيڪولين فرنينڊس سان گڏ فلم ڊائريڪٽر ڪرن ملهوترا به موجود آهي. ”برادرز“ ٻن ڀائرن جي ڪهاڻي آهي، جيڪي هڪ ٻئي خلاف سرگرم هوندا آهن. فلم ”برادرز“ 2011ع ۾ هالي ووڊ فلم ”وارئر“ جو ريميڪ آهي، جيڪا پڻ ٻِن ڀائرن تي ٺاهي وئي هئي. فلم ۾ تجربيڪار بالي ووڊ اداڪار جيڪي شروف اڪشي ۽ سڌارٿ جي پيءَ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *