بالي ووڊ اداڪار ۽ پروڊيوسر جيتندر73 سالن جو ٿي ويو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ۽ پروڊيوسر جيتندر اڄ پنهنجي73هون جنم ڏينهن ملهائيندو. جيتندر کي فني خدمتن لاءِ لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ سوڌو گهڻا ئي ٻيا ايوارڊ پڻ مليا آهن.امرتسر ۾اک کوليندڙ جيتندر بالي ووڊ ۾ پنهنجو قدم“ گيت گايا پتهرون ني” سان رکيو. هن 60کان 90 واري ڏهاڪي تائين بالي ووڊ کي ڪيتريون ئي ڪامياب فلمون ڏنيون.بهترين ڊانس ۽ اداڪاريءَ جي ڪري هو بالي ووڊ جو جمپنگ جيڪ سڏيو ويندو آهي.سري ديوي، جيا پرادا، هيما مالني،ريکا سوڌو هر ناليواري هيروئين سان جوڙي ٺاهي.اولاد، همت والا،ڌرم وير، جاني دشمن، ۽ تحفاجيتندر جون مشهور فلمون هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *