بالي ووڊ اداڪار سنيل شيٽي جي اڳڪٿي سبب ڀارتي ٽيم پريشان ٿي وئي

نئين دلي(شوبز نيوز)ڪرڪيٽ جي ميگا ايونٽ ورلڊ ڪپ 2015ع بابت بالي ووڊ اداڪار سنيل شيٽي جي اڳڪٿي سبب ڀارتي ٽيم پريشان ٿي وئي آهي سنيل شيٽي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ڀارتي ٽيم فائنل تائين پهچي ئي نه ٿي سگهي هن ان جو سبب ٻڌائيندي چيو ته يووراج ۽ ظهير خان جهڙن رانديگرن کي ٽيم جو حصو نه بڻائڻ ڀارتي ٽيم لاءِ وڏو نقصانڪار ثابت ٿيندو انهن رانديگرن سان وڏي زيادتي ڪئي وئي جنهن سبب ڀارتي ٽيم ۾ مڃيل بيٽسمين جي کوٽ آهي سنيل شيٽي چيو ته ڀارتي رانديگرن جي چونڊ تي مايوسي ٿي هن وڌيڪ چيو ته ڏکڻ آفريڪا جي ڪاميابي جا امڪان وڌيڪ آهن ۽ ان کان علاوه آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون به فائنل ۾ وڃي سگهن ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *