بالي ووڊ اداڪار انوپم کير 18 سالن کانپوءِ سنجي گپتا سان گڏ ڪم ڪندو

نئين دهلي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪار انوپم کير 18 سالن کان پوءِ باليووڊ هدايتڪار سنجي گپتا سان گڏ ڪم ڪندو. ڀارتي ميڊيا مطابق انوپم کير فلم ”جذبي“ ۾ نظر ايندو جيڪا ڪورين فلم ”سيوان ڊيز“ مان ورتل آهي.فلم جو هدايتڪار سنجي گپتا هوندو. ۽ انوپم کير ۽ سنجي گپتا 18 سالن کان پوءِ ڪنهن فلم ۾ گڏ ڪم ڪندا. انوپم کير تازي انٽرويو ۾ چيو ته هو فلم ”جذبي“ جي حوالي سان گهڻو پر جوش آهي ۽ فلم مداحن کي پسند ايندي. هن چيو ته فلم جي اسڪرپٽ مان گهڻو متاثر ٿيو آهيان. فلم ۾ عرفان خان مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ اهو پهريون موقعو هوندو ته عرفان خان ۽ انوپم کير گڏ فلم ۾ نظر ايندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *