بالي ووڊ اداڪار اميتاڀ بچن فلم ”پيڪو“ ۾ وڌيل پيٽ ڏيکاري نظر ايندو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار اميتاڀ بچن فلم ”پيڪو“ ۾ وڌيل پيٽ ڏيکاري نظر ايندو. ڀارتي ميڊيا مطابق اميتاڀ بچن فلم ”پيڪو“ ۾ ڪردار جي مناسبت سان وزن ۾ ڪيترن ئي ڪلو جو اضافو ڪيو آهي. فلم ۾ سندس حليو منفرد آهي ۽ فلم ۾ اداڪاره دپيڪا پڊڪون ۽ عرفان خان جي والد جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. فلم جي هدايت شوجيت سرڪار ڏني آهي. اها فلم جلد سئيما گهرن ۾ نمائش لاءِ لڳائي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *