بالي ووڊ اداڪار ارشد وارثي پنهنجي ايندڙ نئين فلم ”ويلڪم ٽو ڪراچي“ ۾ 60 سالا بزرگ جو روپ به ڌاريندو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ارشد وارثي پنهنجي ايندڙ نئين فلم ”ويلڪم ٽو ڪراچي“ ۾ 60 سالا بزرگ جو روپ به ڌاريندو، ڪجھه ڏينهن اڳ فلم جو پوسٽر جاري ڪيو ويو هو، ڪالهه فلمي ٽيم پاران ”ويلڪم ٽو ڪراچي“ جو ٽريلر رليز ڪيو ويو هو، ڀارتي ميڊيائي رپورٽن موجب ايشش آر موهن جي ڪاميڊي فلم ”ويلڪم ٽو ڪراچي“ ۾ ارشد وارثي ۽ جيڪي ڀنگناني 2 ڀارتي شهرين جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جيڪي دستاويزن کان سواءِ پاڪستان ايندا آهن ۽ پاڻ کي ڀارتي شهري ثابت ناهن ڪري سگھندا. فلم ۾ ارشد وارثي پنهنجا روپ بدلائيندو رهندو آهي ۽ هڪ موقعي تي 60 سالن جي بزرگ جو روپ به ڌاريندو آهي جيڪو ڏسڻ ۾ ذهين ۽ پڙهيل لکيل محسوس نظر ايندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *