بالي ووڊ اداڪارا سونم ڪپور به خبرن ۾ رهڻ جا گر سکي وئي

ممبئي(شُوبز نيوز)ڊاڪٽرن  طرفان  ڀارتي اداڪاره سونم ڪپور کي سوائن فلو جي بيماري مان صحتياب ٿيڻ کان پوءِ اسپتال مان گهر منتقل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، پر سونم ڪپور اسپتال ۾ ئي رهي ڪري هاڻي مداحن جون همدرديون حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آهن، جڏهن ته سونم ڪپور کي 5 مارچ تي پنهنجي ڀيڻ جي سالگره جي تقريب ۾ شرڪت به ڪرڻي هئي، پر سونم ڪپور کي اسپتال سان ڪجهه عشق ٿي ويو آهي،  ان جي ڪري هن پنهنجي  مداحن کي ٽويٽ ڪري گهر نه اچڻ جي خبر ڏئي ڇڏي آهي.واضع رهي ته سونم ڪپور کي ڪجهه ڏينهن پهرين سلمان خان جي نئين فلم “ پريم رتن ڌن پايو” جي شوٽنگ جي دوران سوائن فلو جي شڪار سبب اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *