اڪثر خبرن جي زينت بڻيل ڪترينه ڪيف هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن جي سرخين ۾ موجود

ممبئي: بالي ووڊ جي خوبصورت جوڙي ڪترينا ۽ رنبير هونئن ته اڪثر خبرن جي زينت بڻجندا رهندا آهن ۽ پنهنجن چاهيندڙن کي ٿورو پريشان به ڪري ڇڏيندا آهن ۽ هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪترينا خبرن جي سرخين ۾ موجود آهي ڇو ته هن پروزر انداز ۾ رنبير سان پنهنجي مڱڻي جي ترديد ڪري ڇڏي آهي ڀارتي ميڊيا مطابق ڪترينا جي ترجمان ڪترينا جي رنبير ڪپور سان مڱڻي جي ترديد ڪندي چيوآهي ته ان سلسلي ۾ جيتريون به خبرون سماهون اچي رهيون آهن اهي بي بنياد ۽ افواهن تي ٻڌل آهن جڏهن ته گذريل مهيني نئين سال جي شروعات کان ڪجهه ڏينهن پهريان رنبير ڪپور ۽ ڪترينا پاران هڪ ٻئي کي مڱڻي جي منڊي پارائڻ جون خبرون ميڊيا جي زينت بڻيل هيون جڏهن ته ڪنهن جي طرفان ان جي تصديق نه ڪئي وئي، ٻئي طرف رنبير ڪپور به ڪڏهن ڪترنيا سان پنهنجن لاڳاپن جي تصديق ناهي ڪئي ۽ هميشه ميڊيا کي ظاهر ڪيو ته ان جي ۽ ڪترينا جي وچ ۾ دوستي کان علاوه ٻيو ڪجهه ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *