ايوارڊ ملڻ سان اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي: دپيڪا پڊوڪون

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره دپيڪا پڊوڪون چيو آهي ته ايوارڊ هن لاءِ اهميت رکندڙ آهن اداڪاره پنهنجي تازي انٽرويو ۾ چيو ته ايوارڊ حاصل ڪرڻ هن لاءِ اهم آهي ڇو جو اهو توهان جي محنت تي توهان کي ملي ٿو. جيڪڏهنتوهان کي ايوارڊ ملي ٿو ته ان جو مطلب ته توهان بهترين ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته هو خوشنصيب آهي جو ڪيريئر دوران کيس ڪيترائي ايوارڊ مليا، گذريل سال پڻ کيس ”چنائي ايڪسپريس“ ۽ گوليون ڪي راس ليلا، رام ليلا تي ايوارڊ مليو جيڪو هن لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ۽ ان سان سندس اعتماد ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو. هو مستقبل ۾ پڻ مداحن لاءِ سٺو ڪم پيش ڪندي رهندي. اداڪاره جي نئين فلم ”بجرائو مستاني“ آهي جنهن جي شوٽنگ جاري آهي ۽ اها جلدي مڪمل ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *