ايشوريا راءِ جي ڌيءَ اراڌيا 3 سالن جي ٿي وئي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار اڀيشڪ بچن ۽ اداڪاره ايشوري اراءِ جي ڌيءَ اراڌيا بچن 3 سالن جي ٿي وئي آهي. ڀارت سڌ سماءَ جي ذريعن موجب گذريل مهيني ايشوريا راءِ پنهنجي  41 هين سالگره ملهائي هئي ان دوران هن چيو هو ته هوءَ پنهنجي ڌيءَ جي سالگره ملهائڻ جو ارادو رکي ٿي. اراڌيا جا 3 سال پورا ٿيڻ تي اڀيشڪ بچن ۽ ايشوريا راءِ پنهنجي مداحن جون مبارڪون ڏيڻ تي شڪريو ادا ڪيو آهي. اراڌيا جي ڏاڏي ميگا اسٽار اميتاب بچن پڻ پنهنجي مداحن کان مبارڪن جا پيغام وصول ڪيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *