ايراني ماڊل مندنا ڪريمي فلم ”راءِ“ ۾ مختصر ڪردار ادا ڪندي

ممبئي(شوبز نيوز)ايران جي مشهور ماڊل مندنا ڪريمي بالي ووڊ فلم راءِ ۾ هڪ مختصر پر واضح ادبي ڪردار ۾ نظر ايندي، ان کان اڳ مندنا ڪريمي کي ايڪتا ڪپور جي مزاحيه فلم سيريز ڪيا سپر ڪول هين هم ۾ به ڪاسٽ ڪيو ويو آهي ۽ هوءَ ان سلسلي جي ٽئين فلم ڪيا سپر ڪول هين هم 3 ۾ هڪ اهم ڪردار ۾ نظر ايندي نون اطلاعن مطابق هي ايراني حسينا هاڻ وڪرم جيت سنگهه جي فلم راءِ ۾ به نظر ايندي هن فلم ۾ بالي وُڊ جي وڏي ڪاسٽ  شامل آهي جنهن ۾ رنبير ڪپور، ارجن رامپال  جيڪولين فرنينڊس شامل آهن رپورٽ مطابق ايراني خوبصورت ماڊل مندنا ڪريمي ڊائريڪٽر وڪرم جيت سنگهه جي ان فلم راءِ ۾ راجن رامپال جي گرل فرينڊ جو ڪردار ادا ڪندي  ايراني ماڊل مندان هڪ انڊين ايراني مڪس خاندان جي ناري آهي مندنا ڪريمي جي والده ايراني جڏهن ته ان جو والد هڪ هندوستاني آهي ۽ 28 سالا مندنا تهران ۾ ئي 19 مئي 1986ع ۾ پيدا ٿي هئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *