ايان علي جي گرفتاري کان پوءِ مشهور اداڪارائون ۽ ماڊلز پريشان

لاهور(شوبز نيوز)ايان علي جي گرفتاري تي اداڪارائن ۽ ماڊلز پريشان ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جڏهن اهم بااثر شخصيتون به معاملن کي لڪائڻ جي لاءِ سرگرم ٿي ويون آهن، ذريعن مان معلوم ٿيو آهي، ته اداڪارائون ۽ ماڊلز  پنهنجا اثاثا ۽ بئنڪ اڪائونٽس ۾ رکيل رقم ويجهن عزيزن جي حوالي ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي ۽ ڪجهه بااثر شخصيتن کان مدد گهري آهي،  مشهور اداڪارائن ۽ ماڊلز کان علاوه  ننڍيون ماڊلز ۽ اداڪارائن جا ٻاهرين ملڪن جي دورن جي حوالي سان به تفصيلات گڏ ڪري رهيا آهن، ذريعن مطابق وڌيڪ ٻڌايو ته ان صورتحال ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون ماڊلز ، ڊانسر ۽ اداڪارائون ڪجهه سالن لاءِ انڊر گرائونڊ ٿي ويو آهن، ان حوالي سان فلم ٽي وي ۽ فيشن انڊسٽري جي اهم گروهن جو چوڻ آهي، ته حڪومت کي ان معاملي جي تحقيق وڏي پيماني تي ڪرڻ گهرجي، اداڪارائون ۽ ماڊلز جي فني پروجيڪٽس سان گڏ ان پروفيشن ۾ اچڻ کان پهرين جي اثاثن جي به ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *