اهڙيون فلمون پسند ناهن جيڪي سلمان خان ۽ شاهه رخ خان ڪندا آهن:عامر خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪٽ عامر خان چيو آهي ته کيس اهڙيون فلمون پسند ناهن جيڪي سلمان خان ۽ شاهه رخ خان ڪندا آهن، تازي انٽرويوءَ دوران سندس چوڻ هو ته هن پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪيترن ئي سٺن ڊائريڪٽرن، رائيٽرن سان گڏ ڪم ڪيو آهي ۽ کيس ان ڳالهه جي تمام گھڻي خوشي آهي، هن چيو ته سينسر بورڊ جو ان شيءِ تي ڌيان رکڻ گھرجي ته ماڻهن کي ڇا پسند ۽ ڇا ناپسد آهي، ڪنهن به شيءِ کي سينسر نه ڪرڻ گھرجي، پر ان کي بهتر بڻائڻ گھرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هر ڪو ان ڳالهه لاءِ آزاد آهي ته هو کلي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري ۽ جيڪڏهن بي جي پي جي ڪنهن اڳواڻ منهنجي فلم تي تنقيد ڪئي آهي ته اهو سندس حق آهي، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ هو ته جنهن قسم جون فلمون سلمان ۽ شاهه رخ ڪندا آهن، اهي ڪافي ماڻهن کي گھڻيون پسند اينديون آهن ۽ هو ڪافي ڪامياب به رهيون آهن، پر مون کي اهي فلمون بلڪل پسند ناهن، ان ڪري اهڙين فلمن ۾ ڪم نه ٿو ڪرڻ چاهيان، هن مسڪرائيندي چيو ته جڏهن سلمان خان کي ڊانس تي پنهنجي باڊي لوڏيندي ڏسندو آهيان ته مان سوچيندو آهيان ته ڇا مان ايئن ڪري سگھان ٿو ته منهنجي اندران آواز ايندو آهي ته نه اهو مون کا نه ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *