انٽرنيشنل فلم فيسٽيول آف انڊيا 20 نومبر تي گوا ۾ شروع ٿيندو

ممبئي(شوبز نيوز) 45هون انٽرنيشنل فيسٽيول آف انڊيا (آءِ ايف ايف آءِ) 20 نومبر تي گوا ۾ شروع ٿيندو، جيڪو 30 نومبر تائين جاري رهندو. اها ڳالهه سڌ سماءَ جي نئين مملڪتي وزير پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چئي. هن چيو ته اداڪار اميتاڀ بچن فيسٽيول جو خاص مهمان هوندو، جڏهن ته رجني ڪانت کي انڊين فلم جي سال جي بهترين شخصيت جي سينچري ايوارڊ سان نوازيو ويندو. هن چيو ته آءِ ايف ايف آءِ 2014ع ۾ فلمي شعبي کي اجاگر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. فيسٽيول ۾ 75 ملڪن جون 179 فلمون نمائش لاءِ لڳايون وينديون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *