انيل ڪپور جو هدايتڪاري جي شعبي ۾ قسمت آزمائڻ جو فيصلو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار انيل ڪپور هدايتڪاري جي شعبي ۾ قدم رکي ڇڏيو آهي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب اداڪار انيل ڪپور هدايتڪاري جي شعبي ۾ قسمت آزمائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اداڪار پنهنجيفلم ۾ پنهنجي ئي پٽ هرش ورڌان کي ڪاسٽ ڪندو. اها سندس پٽ هرش ورڌان جي ٻي فلم هوندي. ان فلم جي پروڊيوسر انيل ڪپور جي ڌيءَ ريحا ڪپور هوندي. واضح رهي ته هرش ورڌان جو پهريون فلمي پراجيڪٽ ”مرزا“ آهي جنهن م هو اداڪاري ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *