انوپم کير سان ڪم ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي: اڪشي ڪمار

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ هيرو اڪشي ڪمار چيو آهي ته کيس اداڪار انوپم کير سان ڪم ڪرڻ ۾ مزو اچي ٿو. ڀارتي ميڊيا مطابق اڪشي ڪمار هڪ تازي انٽرويو ۾ چيو ته هن انوپم کير سان ڪيترن ئي فلمن ۾ گڏ ڪم ڪيو.اسان ٻنهي جي پهرين فلم ”ديدار” هئي جيڪا 1992ع ۾ رليز ٿي هئي. هن چيو ته اسان فلم ”شوقين “ ۾ به ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته منهنجي انوپم کير سان سٺي دوستي آهي ۽ هو انوپم جو سينيئر اداڪار طور بي حد احترام ڪندو آهي. اڪشي ڪمار جي نئين فلم ”شوقين“ 7 نومبر تي رليز ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *